اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي روس ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان سندس استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.