GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

هزارين ماڻهو التوا هيٺ ڪيسن ۾ ”گڊ ٽو سي يو“ جا منتظر آهن، 9 مئي سانحي جو ذميوار عمران خان آهي جنهن جي بڇ تي جي ايڇ ڪيو، حساس عمارتن ۽ رياستي ملڪيتن تي حملا ٿيا، انهن سانحن تي هر دل ڏکويل ۽ هر اک ڳوڙهن هاري آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هزارين ماڻهو التوا هيٺ ڪيسن ۾ ”گڊ ٽو سي يو“ جا منتظر آهن، 9 مئي سانحي جو ذميوار عمران خان آهي جنهن جي بڇ تي جي ايڇ ڪيو، حساس عمارتن ۽ رياستي ملڪيتن تي حملا ٿيا، انهن سانحن تي هر دل ڏکويل ۽ هر اک ڳوڙهن هاري آهي، پي ٽي آءِ جيڪو ڪيو اهو ڪو دشمن به نه ٿو ڪري سگهي، شرپسندي پکيڙيندڙن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، پي ڊي ايم عدليه جي وقار جي لاءِ احتجاج ڪيو، هڪ گلدان به نه ٽُٽو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ناڻي واري وزير مشڪل معاشي صورتحال جي باوجود پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي وڏو ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ معاشي تباهي ڪئي، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل ڪري ويو. اسان آءِ ايم ايف پروگرام تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي، ان تي ڪم جاري آهي. 9 مئي سانحي بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ان سانحي تي هر دل ڏکويل ۽ هر اک ڳوڙهن هاري آهي، هڪ پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان اڄ هر شخص ڏکويل آهي ۽ ان جي شديد مذمت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ انهن واقعن جي مذمت ناهي ڪئي ڇو ته انهن سمورن واقعن جي منصوبابندي زمان پارڪ ۾ عمران خان جي حڪم تي ٿي هئي ان لاءِ اهي ڇو انهن واقعن جي مذمت ڪندا. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي پوري سياست انتشار، فساد ۽ ملڪ جي خلاف سازش ۽ دشمني تي ٻڌل آهي، عمران خان جڏهن ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏنو هو ته ان وقت هن اتي قبرون کوٽيون هيون، پي ٽي وي تي حملا ڪرايا ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ان تي شاباس ڏني، جيڪڏهن ان وقت عمران خان کي سزا ملي وڃي ها ته اڄ اهڙا واقعا رونما نه ٿين ها. مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ٿي ويو هو، منصوبا هلي رهيا هئا، ماڻهن کي روزگار ملي رهيو هو ان وقت هي شخص ڌرڻي ۾ مصروف هو ۽ پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام بيوقوف نه آهي، اها عمران خان جي انتشار تي ٻڌل سياست کان چڱي طرح واقف آهي. وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ۽ فتنو اڄ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ايجنسين ڪرايو آهي، مراد سعيد جي آڊيو ۽ پيغام عوام ٻڌا آهن، ڇا اهي ايجنسي جا ماڻهو آهن؟، ياسمين راشد ۽ اعجاز چوڌري حساس عمارتن تي حملي جي هدايت ڏئي رهيا هئا، ڇا اهي ايجنسي جا ماڻهو آهن؟ پي ٽي آءِ جي پوري قيادت 9 مئي جي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، انهن حساس ٺڪاڻن ۽ ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪيا، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، جناح هائوس کي ساڙيو، ڪور ڪمانڊر جي گهر تي حملو ڪيو، ڇا اهي سڀ ايجنسين جا ماڻهو هئا؟ هن چيو ته فارن فنڊنگ جي ذريعي ملڪ جي خلاف سازش ۽ ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ جي سياست عمران خان جو شيوو رهيو آهي، عمران خان عدالت جي ڪمري جي اندر چيو هو ته تيار ٿي وڃو، جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته 9 مئي کان وڌيڪ ردعمل ايندو، ڇا توهان جي واتان ايجنسي ڳالهائي رهي هئي؟ اهي ڳالهيون ته توهان پاڻ ڪيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جڏهن وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هو ته ان وقت به هو اهوئي ڪم ڪندو هو، ان کان ڪير سوال ڪري ته ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون وينديون هيون، پنهنجي سياسي مخالفن کي هن موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو ته جيئن ڪير ان کان سوال نه ڪري سگهي. هن چيو ته لسٻيلا جي شهيدن جي خلاف پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان مهم هلي هئي ڇا اها ايجنسين هلائي هئي؟ 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽس تان ڀڃ ڊاهه ۽ جلاءُ گهيراءُ جون هدايتون جاري ٿيون، ڇا اهو ايجنسين جو ٽوئيٽر هينڊل هو؟ عمران خان قومي ٺڪاڻن تي حملا ڪرائي الزام ادارن تي هڻي ڇڏيو، هي عوام کي بيوقوف سمجهن ٿا، ائين نه هلندو. هن چيو ته سياسي ردعمل ڪالهه شاهراهه دستور تي پاڪستان جي عوام پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، شاهراهه دستور تي پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ، ايوان صدر، اليڪشن ڪميشن جي آفيس سميت اهم عمارتون موجود آهن، ڪنهن به جڳهه تي ڪو نقصان نه ٿيو، هڪ گلدان تائين نه ٽُٽو. هن چيو ته هاڻي عمران خان جا تماشا، ڪوڙ ۽ فساد ختم ٿيڻ گهرجن، عمران خان وٽ جيڪڏهن ثبوت موجود هو ته عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو؟ توهان ڇو درخواست ڏني ته توهان ان ڪيس ۾ پيش نه ٿيندا؟ جيڪڏهن توهان کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف اهي حملا ناهن ڪرايا ته توهان پنهنجا ثبوت کڻي عدالت هليا وڃو پر ثبوت ان جي ابتڙ آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڇا عمران خان کي ميٽرو، ايمبولينسن، اسڪولن کي ساڙي سياست ڪرڻي آهي؟ توهان جيڪڏهن ايترائي مقبول آهيو ته پوءِ اليڪشن جو انتظار ڪري سياسي مقابلو ڪريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون يادگارون ساڙيندڙن کي ريليف نه ٿو ڏئي سگهجي. عمران خان منصوبابندي سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن مراد سعيد، شيخ امتياز، علي چوڌري، چوڌري اعجاز، صغير وڙائچ، خواجه طارق رحيم، اعجاز منهاس، ياسمين راشد، عباد فاروق جون آڊيو ليڪس پڻ ميڊيا کي ٻڌايون ويون جن ۾ اهي ڪور ڪمانڊر جي گهر، آرمي هائوس سميت ٻين اهم ٺڪاڻن تي حملن جون هدايتون ڏئي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته انهن ثبوتن کانپوءِ به عمران خان چئي رهيو آهي ته حملا ايجنسين ڪرايا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته هو جيڪو مرضي ڪندو وڃي ڪير ان کان پڇي نٿو سگهي، چار سال هن ملڪي معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، عوام کي بيروزگار ڪيو، ان کانپوءِ سائفر جي راند کيڏي، اسيمبليون ٽوڙيون ۽ پوءِ پيٽرول بمن سان پوليس تي حملا ڪرايا ۽ اڄ معصوم بڻجي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ياسمين راشد جي آڊيو موجود آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته ”خان ڳڻي رهيو آهي ته ڪير ڪيترا پيٽرول بم ۽ ڏنڊا آڻيندو.“ هن چيو ته سموريون حالتون خراب ڪرڻ جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان جو تعارف فساد، سازش، دهشتگردي، گار، ڌمڪي ۽ غنڊه گردي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ملڪ لاءِ خدمتن جي هڪ هڪ نشاني عوام جي سامهون موجود آهي، پي ٽي آءِ جي دهشتگردن کي ڪهڙي خبر ته عوامي خدمت ڇا هوندي آهي، عمارتون ڪهڙي طرح رت ۽ پگهر سان ٺهنديون آهن، شهيدن ۽ يادگارن جي حرمت ڇا هوندي آهي؟ انهن ماڻهن موٽرويز جي انٽرچينجز ۽ ميٽرو بسن کي باهه لڳائي، اهو انهن جو مائنڊ سيٽ آهي، انهي مائنڊ سيٽ دهشتگردي کي سگهه ڏني. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جن ماڻهن جو برين واش ڪري ٿو، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته سياسي ردعمل ۽ احتجاج اهڙي طرح ناهي ٿيندو، عمران خان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن سان ملڪ کي ساڙيو، تاريخ عمران خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي قانون موجود آهن، جن ماڻهن تي جن قانونن تحت ڪيس ٺهن ٿا، انهي موجب ڪارروائي ٿيندي. ملڪ جي اندر دهشتگردي، ملڪ دشمني تي قانون موجب سزا ملندي. هڪ سوال تي هن چيو ته 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري عمران خان فتني کي ملڪ تي مڙهيو ويو هو جنهن جو ڪِيتو اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان جو احتجاج سياسي احتجاج نه هو، هن ملڪ جي خلاف ماڻهن کي اتساهيو ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، سياسي احتجاج ڪالهه ٿيو هو، 13 سياسي پارٽين جي ماڻهن سپريم ڪورٽ جي وقار جي لاءِ پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي ڊيٽا گهرو وزارت گڏ ڪري رهي آهي، انهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں