اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ صوبن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورون?? وائرس جي پکيڙ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، عوام جو تعاون حڪو??تي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گهڻو اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورون?? وائرس جي وبا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورون?? وائرس جي موجوده صورتحال، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کن??ل قدمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪور??نا مريضن لاءِ موجود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهولتن جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ کن??ل قدمن جو به جائزو ورتو ويو.