اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪاروباري طبقي کي هر ممڪ?? سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، سياحت جي فروغ سان مٽاسٽا جو ناڻو ??ما??ڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوجوانن ج?? لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، توانائي جي شعبي ۾ نقصانن کي روڪڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار ۾ گهٽتائي آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ناليواري ايڊوائيزري ۽ ڪنسلٽنٽ ڪمپني ميڪنزي جي گلوبل مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪيون سنيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.