اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي، موجوده معاشي استحڪام ۽ اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري جي عمل کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ ڪاروب??ري طبقي جي لاءِ موزون ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي ته جيئن معاشي ترقي جو عمل تيز ڪري سگهجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران ملندڙ مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو?? ان جي سهولتڪاري جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.