لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ??اري پهرين تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزيراعظم کي هٿ سان ٺهيل پورٽريٽ بطور تحفو پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم تقريب کي خ??اب ۾ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ هنرمند نوجوانن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پاڪستان حڪومت مڪمل تعاون ۽ سهولتون ??را??م ڪندي رهندي. معاشري جي ترقي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ انتهائي اهم آهي. معاشري ۾ امن، هم آهنگي ۽ رواداري وڌائڻ جي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فرو?? اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اداري جي شاگردن کي فارغ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.