لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان گڏيل لاڳاپن جو?? نيون راهون کلنديون، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معاهدي جي حوالي سان ??يندڙ تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان ??ڪ اهم ڏينهن آهي، حڪومت پاڪستان آذربائيجان ??اهوار هڪ جهاز ايل اين جي خريد ڪن??ي، خريداري جو اختيار پاڪستان ??ٽ هوندو، جنهن سان ايل اين جي نه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو. ان ??عاهدي سان ??لڪ ۾ سستي ايل اين جي ميسر هوندي ۽ اها انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان ??عاهدي جو مدو هڪ سال تائين آهي جنهن کي وڌيڪ هڪ سال تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ان ??يٽروليم معاهدي سان گذريل سال آذربائيجان ۾ الهام عليوف ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سندن ٽيم ان ??عاهدي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون آذربائيجان جي صدر ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير جا ٿورا مڃان ??و جن ان ??عاهدي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو جيتوڻيڪ حڪومت ان اضافي جو بار غريب ماڻهن تي نه وجهندي، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي جزوي سبسڊي ڏني وئي آهي، بجلي جي 200 يونٽ تائين جي گهريلو صارفين تي قيمت ۾ اضافو ??اڳو نه هوندو. ان ??وقعي تي آذربائيجان جي سفير چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي اهي ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. ان ??عاهدي سان ??نهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ??اڪستان سان ??ڌيڪ شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ان کان اڳ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پيٽروليم واري صنعت ۾ معاهدي جي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، پيٽروليم واري سيڪريٽري، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير، آذربائيجان جي پيٽروليم ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت ٻيا به ان ??وقعي تي موجود هئا.