ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي ??کنداسين، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون ??منڊ پار تائين آهن، 9 مئي تي ??رپسندن عمران خان جي اتساهڻ تي فوجي ٺڪاڻن تي ??ملا ڪيا، ان جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري ت??ريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ان تقريب ۾ خوشي ٿي ت?? هن شهر جون ٻه وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي وفاق ۾ حڪومت جو حصو آهن، انهن جي اڳواڻن دل ۾ مٺيون ڳالهيون ڪيون ??يڪي قومي يڪجهتي ۽ هن ملڪ جي امن لاءِ خوش آئنده آهن، ان ۾ ئي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪل آهن، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي، وفاق جي اتحادي حڪومت گذريل هڪ سال جي چئلينجز، گڏيل مشاورت ۽ ٻڌي سان ان کي منهن نه ڏي ها ته اڄ صورتحال بلڪل مختلف هجي ها، گڏيل مشاورت ۽ اتحاد سان گذريل سال جي بدترين ٻوڏ، مهانگائي، آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي، ملڪ ۾ هڪ سال کان سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي 9 مئي جي المناڪ ترين واقعن تي ??ن جي پڄاڻي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون ??منڊ پار تائين آهن. هن چيو ته جهڙي طرح 9 مئي تي ??ظيم شهيدن ۽ غازين جي يادگارن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي ??مران نيازي جي اتساهڻ تي ??نهن جٿن حملا ڪيا اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، انهن واقعن تي ??هيدن جي وارثن جون ??کيون ??ليون ۽ دل ڏکويل آهن، تڪريم شهداءِ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڊاڪيومينٽري ت?? هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، شهيد قوم جا عظيم فرزند آهن جن وطن جي خاطر پنهنجون ??ا??يو?? ڏئي قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، هڪ سال جي سياسي افراتفري جي ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر متاثر ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ??ن جو ٿورائتو آهيان، گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ ملڪ جي ٻيڙي کي ڪناري ت?? لڳائينداسين، مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن جڏهن ته اسان حوصلو نه هارينداسين، مهانگائ?? سميت انهن بحرانن ۽ چئلينجن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ڪي – فور منصوبي کي سردخاني جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان تي ??ياست ڪئي وئي اها افسوسناڪ ڳالهه آهي، اڳوڻي وزيراعظم پاران ان منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ چور چور جا الزام هڻي ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو، هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏ ويهاري ان منصوبي کي مڪل ڪري ها، ان اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان جي هر منصوبي ۽ هر شعبي ۾ فتني ت?? ٻڌل سوچ اختيار ڪئي، انا پرستي ??کندڙ اهو شخص ڏينهن رات چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو ۽ اڄ جڏهن پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو ته جلاءُ گهيراءُ ڪرائڻ تي لهي آيو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن به سياسي پارٽي يا ليڊر فوجي ٺڪاڻن تي ??ملن جي ڳالهه نه ڪئي، قائداعظم جي گهر تي ??ملو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪي – فور منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سببن جي ڪري منهنجا دورا التوا جو شڪار ٿيا، واپڊا چيئرمين جڏهن اين ايل سي جو ڊي جي هو ته ان کان ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرايا، ڪي – فور منصوبي جي پڄاڻي ۾ به اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن واپڊا چيئرمين کي هدايت ڪئي ت?? هو تسلسل سان ان منصوبي جي پرگهور لهي، صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ هي منصوبو سمورن منصوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي انهن جو حق آهي، هتي پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو گيٽ وي آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هي شهر ڏي ٿو، جيڪڏهن انهن کي پيئڻ جو پاڻي دستياب نه آهي ت?? اهو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي، ان منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي ??کيو ويندو ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿئي. هن ان موقعي تي ??اص معاون ??ارق باجوه کي هدايت ڪئي ت?? ان منصوبي تي ??صوصي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ ڪو جواز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪي – فائيو جي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ مسئلا آهن، 1991ع جي پاڻي جي معاهدي ۾ ڪراچي جي لاءِ جيڪڏهن جدا کان ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي ت?? ان کي ڏسنداسين. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن تي قائد کان اسان شرمنده آهيون، جيڪڏهن ڪيپيٽل هل تي ??ملي جي ذميوارن کي سزائون ??ائز آهن ته 9 مئي جي واقعن تي ??يڪڏهن ذميوارن کي قانون موجب سزائون ملن ٿيون ??ه ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.