اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ?? شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برطانيا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ?? شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه وزيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ?? شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ??ه وزيراعظم محمد ??هباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا متحرڪ پاڪستاني – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان برطانوي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.