اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سان اسرندڙ ملڪن جون معيشتون تباهي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ت??قي يافته ملڪ پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪن. آمريڪي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرونا جو مسئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان سان حڪومت طرفا?? خراب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيڻ، برآمدات ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ جو خدشو آهي.