GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان اي آءِ پاليسي کي دنيا جي بهترين اخلاقي معيارن سان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ايندڙ سال 10 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جو هدف آهي: عطاءُ الله تارڙ

image

استنبول – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي بهتر ۽ مثبت استعمال جي لاءِ عالمي سطح تي ريگيوليٽري فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان اي آءِ پاليسي کي دنيا جي بهترين اخلاقي معيارن سان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، نوجوانن جي لاءِ اي آءِ ۾ تربيتي ماڊيول فراهم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ سال اسان جو هدف 10 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ آهي، اي آءِ جي شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، ايگري ٽيڪ، فن ٽيڪ، هيلٿ ٽيڪ سميت ٻين شعبن ۾ ترقي ٿي رهي آهي، مس انفارميشن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا لينگوئج ماڊل تيار ڪرڻا پوندا. Stratcom Summit 2024 کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 111 ملين انٽرنيٽ صارفين، 71 ملين سوشل ميڊيا صارفين ۽ اٽڪل 188 ملين موبائيل فون صارفين آهن. هن چيو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي نوجوانن جي حوالي سان موقعا ۽ چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي آءِ ٽي جون مهارتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ آءِ ٽي اسڪلز ۽ اي آءِ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان هنرمند ۽ باصلاحيت آهن، حڪومت نوجوانن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل فيبرائيزيشن پاليسي تحت پوري آبادي کي انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اسان جو اڳيون هدف فائيوجي اسپيڪٽرم آهي، اسان ان طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جي نيشنل اي آءِ پاليسي جديد رجآحانن سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ اسان اخلاقي معيارن کي انتهائي اهميت ڏئي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن اسان عالمي خطرن ۽ پنهنجي نسل جي سڀ کان وڏي چئلينج جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو مس انفارميشن آهي، مس انفارميشن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڏا لينگوئج ماڊل تيار ڪرڻا پوندا، اسان کي نيچرل لينگوئج پروسيسنگ طرف وڌڻو پوندو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ LLMs ۽ NLPs تيار ڪرڻا پوندا.وفاقي وزير چيو ته جيستائين نيشنل اي آءِ پاليسي جو تعلق آهي، تاريخ جي صحيح انگن اکرن ۽ صحيح حقيقتن جي لاءِ ان جو وڏو حصو اخلاقيات تي ڌيان ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت تحت فيڪٽ چيڪ فورم ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو حقيقتن جي تصديق ڪري ٿو، ان فيڪٽ چيڪ فورم ۾ اي آءِ لازمي جز آهي پر ان ۾ انساني مداخلت پڻ موجود آهي جيڪا اي آءِ ماڊيول جي نگراني جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جو ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ايپلي ڪيشنز حڪومت جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن پاليسي تحت پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عوامي راءِ ۽ بيانيي تي نظر رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ اسان پنهنجا جديد اي آءِ انجن ماڊلز استعمال ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ايگري ٽيڪ، فن ٽيڪ، هيلٿ ٽيڪ، Edu Tech ۽ Gov Tech ۾ پنهنجي اي آءِ پاليسي لاڳو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان مقصد جي لاءِ اسان فريم ورڪ تيار ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهو تصديق ٿيل ۽ صحيح ڊيٽا تي ٻڌل هجي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن جي لاءِ مصنوعي ذهانت ۾ تربيتي ماڊيول فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا دنيا جا وڏا سوشل نيٽ ورڪس موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪ آهي، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن کي اي آءِ ماڊيولز جي استعمال سان مدد فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته جتي مصنوعي ذهانت اسان کي ترقي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، اتي اسان کي مس انفارميشن جي خاتمي جي لاءِ عالمي معاهدن تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ ضرورت آهي. ان مقصد جي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي ضرورت هوندي ته جيئن اهڙي طرح جي معاهدن کي هڪ دستاويزي شڪل ڏئي سگهجي جنهن تي اسان اتفاق ڪري سگهون. وفاقي وزير صحت، تعليم، زراعت، مالياتي ۽ سماجي شعبن ۾ مصنوعي ذهانت جي مثبت استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان اي آءِ پاليسي کي دنيا جي بهترين اخلاقي معيارن سان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ اڪثر اڳواڻن مس انفارميشن کي وڏو خطرو قرار ڏنو آهي، انهن اڳواڻن ائٽمي جنگ ۽ موسمياتي تبديلي کي خطرو ناهي چيو جيڪو يقينن وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته مس انفارميشن افراتفري ۽ انتشار ڦهلائڻ جو ڪم ڪري ٿي، مس انفارميشن جي تدارڪ جي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙي سگهجي ٿي، ان جي لاءِ عالمي فورم کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پوري دنيا کي مس انفارميشن جو چئلينج درپيش آهي. مس انفارميشن عدم استحڪام، معاشي عدم استحڪام ۽ سلامتي جي بحران کي جنم ڏي ٿي. هن چيو ته مس انفارميشن جي تدارڪ جي لاءِ اسان کي ريگيوليٽري فريم ورڪ تيار ڪرڻو پوندو جنهن سان سموريون رياستون متفق هجن. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان سوشل ميديا ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ائين ڇو آهي ته غزه جو مسئلو، ڪشمير ۽ لبنان جي ماڻهن جي خراب حالت کي سوشل ميڊيا تي سينسر ڪيو وڃي ٿو؟ هتي اي آءِ جو منفي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ برهان واني جو سوشل ميڊيا تي نالو نٿو وٺي سگهجي، ان جون تصويرون پوسٽ نه ٿيون ڪري سگهجن. وفاقي وزير چيو ته اي آءِ جي بهتر ۽ مثبت استعمال جي لاءِ هڪ اهڙي ريگيوليٽري فريم ورڪ جي ضرورت آهي جيڪو اخلاقي معيارن کي برقرار رکي سگهي ۽ سڀني کي قابل قبول هجي. وفاقي وزير ڊيجيٽل ڊائيلاگ پاڪستان جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ڊائيلاگ پاڪستان اي آءِ ۽ لارج لينگوئج ماڊلز جو مجموعو آهي، ان ڊائيلاگ جي ذريعي اسان نه رڳو عوامي راءِ کي هم آهنگ ڪريون ٿا پر شهرين جي ضرورتن جو اندازو لڳائڻ جي پڻ قابل ٿيون ٿا. هن چيو ته اسان اسڪلز ڊيولپمينٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائي رهيا آهيون، ايندڙ سال اسان جو هدف 10 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اي آءِ جي شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، ايگري ٽيڪ، فن ٽيڪ، هيلٿ ٽيڪ سميت ٻين شعبن ۾ ترقي ٿي رهي آهي. هن چيو ته شفافيت ۽ ضابطه اخلاق کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهڙو فريم ورڪ ضروري آهي جيڪو سڀني جي لاءِ قابل قبول هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اڳ ۾ ئي پنهنجي قومي اي آءِ پاليسي کي لاڳو ڪرڻ طرف وڌي چڪا آهيون، اسان فبرائيزيشن طرف وڃي رهيا آهيون ۽ اسان اي آءِ ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. هن چيو ته اسان اي آءِ جي ذريعي زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي حوصلا افزائي جي ذريعي فصلن جي وڌيڪ پيداوار جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان چانور ڪرڻ وارو ملڪ آهي، زراعت کي اسان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته اي آءِ ۾ فني ترقي جي ذريعي زراعت جي اعليٰ پيداوار، تعليم ۽ اسڪلز ڊيولپمينٽ، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ فاصلاتي تعليم جو نظام آڻڻ چاهيون ٿا جتي ملڪ جي بهترين يونيورسٽين تائين پهچ نه رکندڙ شاگرد اي آءِ ٽولز جي ذريعي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ پڻ اي آءِ کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هيپاٽائيٽس ۽ ڪجهه اهڙيون بيماريون آهن جن جو علاج ته موجود آهي پر اهي ان جي باوجود پکڙجي رهيون آهن. ان جي لاءِ پاڪستان جي هيلٿ ٽيڪ سيڪٽر ۾ اي آءِ جو استعمال ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته اي آءِ جي ذريعي موسمياتي تبديلين جي نقصانڪار اثرن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان موجب پنهنجا انتظام ڪري سگهجن ٿا. ان کانسواءِ فن ٽيڪ ۽ مالياتي شعبي ۾ پڻ اي آءِ جي مثبت استعمال سان اسان معاشي رجحانن کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته ايگري ٽيڪ، ايجوڪيشن ٽيڪ، هيلٿ ٽيڪ ۽ فن ٽيڪ هڪ مجموعو آهي جيڪو اسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو ۽ اسان جي مسئلن کي ختم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کي صحيح پاليسيون ٺاهڻ ۽ پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ انهن مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں