GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران مختلف عدالتن ۽ ٽربيولز ۾ التوا هيٺ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ جي هدايت، ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو آهي: محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف عدالتن ۽ ٽربيولز ۾ التوا هيٺ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آڪٽوبر 2024ع تائين هر ٽيڪس ڏيندڙ جي لاءِ سنگل سيلز ٽيڪس سسٽم لاڳو ڪيو وڃي، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو آهي، ٽيڪس ريفنڊز جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان چار ڪلاڪ ڊگهو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ان لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز ۾ سڌارن، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان گذريل 8 هفتن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل عالمي شهرت رکندڙ ڪنسلٽنٽ ميڪ ڪينزي جي نگراني هيٺ ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو، ٽيڪس ريفنڊز جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، ايف بي آر ۾ سڌارن سان اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن آهي، سڌارن جي حوالي سان ايف بي آر جي ڪيترن ئي منصوبن ۾ غيرضروري دير انتهائي افسوسناڪ آهي. ايف بي آر پاران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ ٽيڪس جي حوالي سان 3.2 کرب رپين جا 83579 ڪيس التوا هيٺ آهن، موجوده حڪومت جي هيستائين جي دور ۾ ٽيڪس ڪيسن جي حل جي لاءِ مختلف قدم کنيا ويا آهن، گذريل چئن مهينن دوران مختلف عدالتن پاران اٽڪل 44 ارب رپين جا 63 ڪيس اڪلايا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه رکندڙ 49 لک ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پهرين اپريل 2024ع کان هيستائين ايف بي آر واپاري دوست موبائيل فون ايپلي ڪيشن جي ذريعي ڏيڍ لک ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن 49 لک ماڻهن ۾ دولتمند ۽ سرمائيدار کي ترجيحي بنيادن تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ غريب طبقي تي واڌُو بار نه وڌو وڃي، ان نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ ريٽيلرز سان مشاورت جاري رکي وڃي. وزيراعظم ٽيڪس ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ ۽ ڪسٽمز جي ڪيسن جي حوالي سان پڻ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٽيڪس اپيليٽ ٽربيونلز جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ڊيش بورڊ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي ادائيگي ۾ ڪا دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيلز ٽيڪس جي حوالي سان ماضي ۾ ڪيل غيرقانوني ريفنڊز جي واپسي جي لاءِ فوري حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي فراڊ ڊيٽيڪشن اينڊ انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪرڻ، ايف بي آر ۾ جاري سمورن سڌاراجاتي منصوبن کي هڪ مرڪزي نظام تحت آڻڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ بهترين افرادي قوت جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪسٽمز جي نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ جي حوالي سان فنڊز جي فراهمي ۾ ڪا دير نه ٿيندي جڏهن ته ايف بي آر فوري طور تي نئين نظام جي سافٽ ويئر ڊيزائن ۽ لاڳو ڪرڻ جي حڪمت عملي پيش ڪري، پاڪستان روينيو آٽوميشن اٿارٽي ۾ سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم منصوبو آڪٽوبر 2024ع کان لاڳو ٿي ويندو، آءِ ٽي ٽي ايم ايس تحت طورخم ۽ چمن جي پاڪ افغان بارڊرز تي واپار جي حوالي سان عالمي معيار جا ون ونڊو سهولت مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، ڪسٽمز آٽوميٽيڊ اينٽري ايگزٽ سسٽم جي تياري جي حوالي سان ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي، اي اي اي ايس جديد ترين اسڪيننگ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام هوندو جيڪو ويب بيسڊ ون ڪسٽمز ۽ پاڪستان سنگل ونڊو سان واڳيل هوندو، شروعاتي طور تي اي اي اي ايس کي ڪراچي جي چئني بندرگاهن، ڪراچي، ملتان ۽ پشاور جي هوائي اڏن تي لاڳو ڪيو ويندو. وزيراعظم گوادر بندرگاهه ۾ پڻ اي اي اي ايس نظام کي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آڪٽوبر 2024ع تائين هر ٽيڪس ڏيندڙ جي لاءِ سنگل سيلز ٽيڪس سسٽم کي لاڳو ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ سنگل سيلز ٽيڪس ريٽرن نظام آندو پيو وڃي، ٽيلي ڪام سيڪٽر مان اهو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، سنگل سيلز ٽيڪس جي ذريعي ايف بي آر سڄي ملڪ جي روينيو اٿارٽيز سان ڳنڍجي ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں