اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي خاندان، آمريڪي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته عالمي امن ۽ انساني حقن جي شعبي ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر جي خدمتن کي ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون جمي ڪارٽر جي خاندان سان گڏ آهن.