GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ ۾ ناڪاميءَ تي باقاعده پروگرام ٺاهي 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو: بچاءَ واري وفاقي وزير جي پريس ڪانفرسن

image

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) بچاءَ ۽ـ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو ويو جڏهن ان ۾ ناڪام ٿيا ته باقاعدي پروگرام بڻائي 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو، ان جي سازش جون ڪڙيون 2014ع تائين وڃي رهيون آهن. 9 مئي پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي انا جو مسئلو آهي. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته اسان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي دلخراش واقعا ٿيا پر اسان ان تي نه خود احتسابي ڪئي نه ڪنهن کي ذميدار قرار ڏنو. 9 مئي جي واقعي جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ قوم کي خبر پوڻ گهرجي ته ان جا اسپانسر ڪير هئا، ڪهڙن ماڻهن ان تي عملدرآمد ڪرايو ۽ انهن جا مقصد ڇا هئا. اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف ٿي سگهن ٿا، اسان به ڪيا آهن، ميڊيا به، پر ان ڳالهه تي ڪوبه سمجهوتو ناهي ته اهي اسان جي شهيدن جي يادگارن جن اسان جي ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون. هن چيو ته جيڪا سازش تيار ٿي جنهن جو هدف نواز شريف هو ته ان سازش جي ناڪاميءَ کانپوءِ ملڪ اذيت مان گذريو. ڪرپشن جو سيلاب آيو ۽ جڏهن عدم اعتماد کانپوءِ نئين حڪومت بڻي ته ان جي ڪوشش هئي ته نئون آرمي چيف ان جي مرضيءَ جو لڳي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 9 مئي جي واقعي جي منصوبا بندي ڪئي وئي ۽ ان اداري جي تڪريم تي سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٺيڪ چيو هو ته ان جي جاچ 2014ع تائين وڃڻ گهرجي. ڪئپٽن ڪرنل شير خان جو ته ڪنهن سان ڪو جهيڙو ناهي پر ان جي مجسمي تي ڏنڊا وهائيندڙ ڪير هئا؟ هن چيو ته هي فالس فليگ آپريشن هو، هي سمورا ماڻهو ڄاتل سڃاتل هئا، عمران خان جون ڀيڻيون به ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون، ڪنهن مون کي چيو ته 9 مئي کي انا جو مسئلو بڻايو آهي، هي 25 ڪروڙ عوام جي انا جو مسئلو آهي، ان کان پوءِ هڪ بيانيو تخليق ڪيو ويو جيڪو ايپسوليوٽلي ناٽ يعني غلام نامنظور هو پر پوءِ آمريڪي سفير ان سان وڃي ملي رهيا آهن. هن چيو ته هاڻ هي ماڻهو منٿن تي اچي ويا آهن، ڪِرائي تي ماڻهو وٺي کين ايپسوليوٽلي ناٽ وارن جون منٿون ڪيون پيون وڃن. ايوان ۾ وڃي هنگاما ڪيا پيا وڃن، 9 مئي سادو احتجاج نه هو، سڀ ان ڪردار کي ڄاڻين ٿا. ان جماعت جا ڪجهه ڏينهن کان بيان آيا آهن ته اسان ڪنهن سياسي قوت سان نه ڳالهائينداسين، ان جي ڀيڻ بيان ڏنو ته اسان تي زيادتيون ٿيون ته خبر پئي ته پهرين به زيادتيون ٿيون. هن ان جي معذرت به ڪئي، گڏوگڏ هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي انصاف جي سسٽم جي حوالي سان متفق ٿيڻ گهرجي پر ان جو ڀاءُ اندران الڳ بيان ڏئي ٿو، ان جا 6-7 ميمبر الڳ بيان ڏين ٿا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي آفر اسان کي ڪرڻي آهي پر اڃا اهي وڙهي رهيا آهن، سڀ پنهنجي گهر ۾ پي اي سي جا چيئرمين بڻيا ويٺا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته جڏهن 2006ع ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون ته فيصلو ٿيو ته پي اي سي جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي ڏني وڃي، هي رانا تنوير کي 7 سال نه ملي پر سمورا ماڻهو ماضي ڀلجي ويا آهن. پي ٽي آءِ جا مُک اڳواڻ ڪٿي آهن؟ اهي ڇو نٿا ڳالهائين؟ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ڀلجي ويو آهي ته بي اعتمادي جي رات ڇا ٿيو هو؟ جيڪڏهن اوهان بي انصافي تي پارلياماني زندگي گذاري آهي ته اوهان ان پارلياماني فلور تي بيهي قانون مطابق انصاف نٿا گُهري سگهو. ان جو چار ساله رڪارڊ کڻي ڏسو ته هن ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڇا ڪم ڪيو آهي. 10 سال هي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ۾ رهيا ۽ اڄ ان جو چيف منسٽر بجلي چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪري ٿو. خواجه آصف چيو ته هي آمريڪا کي منٿون ڪري رهيا آهن ٿورو ئي 6 جنوريءَ واري ٽرمپ جي حامين جي حملن جي ڪيسن جا ٽرائل ۽ـ سزائون ڏسي وٺن. هن خصوصي قانونسازي ڪئي ۽ ان تي سزائون ڏنيون ته 9 مئي جي واقعي کي ائين نٿو ڀُلائي سگهجي. هي ماڻهو چون ٿا ته خان نه ته پاڪستان نه، خواجه آصف چيو ته پاڪستان جو وجود ڪنهن شخص جي ڪري نه آهي، ان جي وجود لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ضمانت ڪنهن هڪ فرد نه ڏني آهي ان جي بقا جي ضمانت انهن ڏني آهي جن ان لاءِ قربانيون ڏنيون. الله ان وجودن جو ڀرم رکي. اڄ اهي چون ٿا ته جيڪي اندر گهڙيا اهي ٻيا ماڻهو هئا اسان ته صرف احتجاج ڪري رهيا هئاسين. اوهان کي احتجاج ڪرڻو هو ته پارليامينٽ سامهون ڪريو ها. جي ايڇ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس، آءِ ايس آءِ جي آفيس جي چونڊ ڇو ڪئي وئي، اهي ڪير ماڻهو هئا؟ هن چيو ته موجوده آرمي چيف جي مقرري روڪڻ جي سازش ڪئي وئي، سوديبازي ڪئي وئي پر جڏهن اهو نه ٿي سگهيو ته 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو. هاڻ اهي ان نعرن کان انڪار ڪري رهيا آهن، هر ملڪ جي ريڊ لائن هوندي آهي جيڪڏهن ان کي ڪراس ڪيو وڃي ته سڀ حرڪت ۾ اچي وڃن ٿا. 9 مئي تي پاڪستان جي شهيدن جي ريڊ لائن پار ڪئي وئي هئي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں